سمڀا بن ڪرشنا

سمڀا بن ڪرشنا: سمڀا ملتان جي راجا ڪرشن جو پٽ هو، ان وقت ملتان سنڌ جو حصو هو. عربن جي دور ۾ به ملتان سنڌ جو مکيه شهر هو ۽ اتان جو حاڪم بني اسد قبيلي مان هو. اڳتي هلي محمود غزنويءَ عرب حڪومت ختم ڪري، ملتان کي، جيڪو هزارن سالن کان سنڌ جو حصو رهيو، پنهنجي سلطنت ۾ ملائي ڇڏيو. ملتان، ’مول اسٿان‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى آهي ’سورج ديوتا‘ ۽ ان جي تصديق سورج ديوتا جي مورتيءَ مان ٿئي ٿي، جيڪا ملتان جي مندر ۾ نهايت ئي قديم دور کان وٺي رکيل هئي. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ملتان جو سڀ کان پهريون مندر سمڀا پٽ ڪرشن سج جي پوڄا لاءِ ٺهرايو هو ۽ هن انهيءَ مندر جو نالو ’آديه اسنٿا‘ رکيو هو، جنهن جي معنى آهي ’پهرين عبادتگاهه‘. ’آديه‘، ’آدتيه‘ (يعني سج) جو بگڙيل اچار آهي. راجا سمڀا مندر جا محافظ پڻ مقرر ڪيا. راجا ڪرشن جو پٽ راجا سمڀا هر آچر تي هن مندر ۾ اچي عبادت ڪندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو